سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد/ ڪراچي

سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد/ ڪراچي

سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ڪراچي

سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد/ ڪراچي: سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، سال 1975ع ۾ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جي ڪوششن سان قائم ڪيو ويو. هن ٽرسٽ جو چيئرمئن سنڌ جي عاشق، سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب، اسڪالر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل سراج الحق ميمڻ کي چونڊيو ويو. سراج صاحب پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري ٽرسٽ کي ڊسٽرڪٽ رجسٽرار حيدرآباد وٽ رجسٽرڊ ڪرايو، جنهن جو رجسٽريشن نمبر 64 آهي.
سراج صاحب، حيدرآباد ۾، گاڏي کاتي ۾ پنهنجي والدين جي گهر ۾، ٽرسٽ هلائڻ جي اجازت ڏني ۽ ٽرسٽ لاءِ ڏهن لکن روپين جي بنيادي مُوڙي پڻ بئنڪ ۾ سيڙائي، جنهن جي نفعي مان ٽرسٽ جا خرچ پکا پئي پورا ڪيا ويا. ڪجهه وقت کانپوءِ سراج صاحب ٻيا ڏهه لک روپيا پڻ ٽرسٽ جي اڪائونٽ ۾ سيڙايا ته جيئن رٿيل ڪم ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي.
سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ قائم ڪرڻ جا متا ۽ مقصد هيٺيان هئا:
(1) هڪ اهڙو معياري ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي جديد دور جي تقاضائن پٽاندڙ انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيڻ سان گڏ سنڌي نوجوانن کي چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ تيار ڪيو وڃي.
(2) ٽرسٽ پنهنجي طرفان يا حڪومت سان يا ڪن ٻين ادارن سان گڏيل طور خودمختيار گرئجوئيٽ ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ ادارا قائم ڪندو، جن ذريعي بزنيس ائڊمنسٽريشن، مئنيجمينٽ ڪورسن، ماحولياتي اڀياس، ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ لاءِ اڀياس گهر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، انهن ڪورسن کي جديد ۽ اعليٰ معيار جو بڻايو ويندو.
(3) ٽرسٽ پنهنجي طرفان وقت بوقت اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، جن ۾ سنڌي نوجوانن کي آرٽس ۽ سائنس جي شعبن ۾ ڊپلوما، ماسٽرز ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڪورسن سان گڏ عملي سکيا، تربيت ۽ ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي.
(4) ٽرسٽ پاران ڪمپيوٽر بابت تعليم ۽ تربيت جا مرڪز قائم ڪيا ويندا، جن مان خاص طور سنڌ ۽ عام طور سڄي ملڪ کي فائدو رسي.
(5) ٽرسٽ پيشه ور سرگرمين لاءِ، جن ۾ فني ۽ هنري تعليم ۽ عام تعليم جي حوالي سان ڪانفرنسون ڪرڻ شامل آهن، خاص طور تي ڪردار ادا ڪندو.
(6) ٽرسٽ پنهنجي طرفان پنهنجن متن ۽ مقصدن تحت شاگردن جي چونڊ ڪري کين اسڪالرشپون، ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ ڏئي سندن همت افزائي ڪندو.
(7) ٽرسٽ پنهنجي طرفان هر حوالي سان سنڌ جي نوجوانن جي ڄاڻ ۽ صلاحيت جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندو.
(8) ٽرسٽ پنهنجي طرفان هڪ اعليٰ قسم جي لائبرري قائم ڪندو، جيڪا اداري ۽ ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪندي.
(9) ٽرسٽ، ترقيءَ جي حوالي سان ’پِيشه ور صلاحڪاري‘ قائم ڪندو.
(10) ٽرسٽ سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري خاطر ٻين ادارن ۽ تنظيمن سان ساٿ ۽ سهڪار ۾ شامل هوندو ۽ ساڳئي وقت صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ تنظيمن سان پنهنجن متن ۽ مقصدن تحت سهڪار ڪندو ۽ پڻ حڪومت، حڪومتي ادارن، صنعتن ۽ ٻين اهڙين تنظيمن سان سهڪار ڪندو، جنهن جي ذريعي صوبي ۽ ملڪ لاءِ تحقيق ٿي سگهي.
ٽرسٽ پنهنجون سرگرميون وڏي عرصي تائين جاري رکيون. انهن سرگرمين ۾ نوجوان شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ انهن آفيسرن لاءِ، جن کي انگريزيءَ جي گهٽ ڄاڻ آهي، سکيا جو پروگرام ڪيترن سالن تائين هلايو. ساڳئي وقت سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ پاران پرائمري استادن لاءِ ’تعليمي سکيا جا ڪورس‘ هلايا ويا. ان کانسواءِ ڪيئي سال ٽرسٽ طرفان هر پندرهين ڏينهن مختلف عالمن- پروفيسر شمس الدين عرساڻي، پروفيسر حيدر علي لغاري، تاج صحرائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين کان ليڪچر ڪرايا ويا ۽ اهي ليڪچر ڇپايا به ويا، جيڪي اڃا تائين ٽرسٽ ۾ موجود آهن.
اڳتي هلي ٽرسٽ پاران سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن حيدرآباد شاخ سان گڏجي هڪ نرسري پرائمري اسڪول پڻ ٽرسٽ جي بلڊنگ ۾ قائم ڪيو ويو.
وڏي عرصي کان هن عمارت ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن جون گڏجاڻيون پڻ ڪيون وينديون هيون، پر هاڻي سال کن کان اهو غير فعال آهي.
ٽرسٽ پنهنجي طرفان سنڌ جي وڌندڙ تعليمي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ کيرٿر يونيورسٽيءَ نالي هڪ اعليٰ تعليمي اداري قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ جوڙيو، جنهن تحت کيرٿر اسڪول جو قيام پڻ رٿيو ويو هو. مٿي ڄاڻايل يونيورسٽيءَ جي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، جن ٻين مهربانن مالي سهڪار ڪيو، تن ۾ محترم اقبال جماڻي، محترم غلام نبي مغل، محترم منير قريشي ۽ محترم منظور قريشي شامل آهن، ان ڪم ۾ دير ٿي آهي، پر اهو اوس ٿيڻو آهي.
ٽرسٽ جا بنيادي ٽرسٽي هيٺيان رهيا آهن:
• محترم سراج الحق ميمڻ (مرحوم) ٽرسٽي چيئرمئن
• محترم محمد ابراهيم جويو، مئنيجنگ ٽرسٽي/ وائيس چيئرمئن
• پروفيسر اعجاز قريشي، ٽرسٽي/ سيڪريٽري
برڪت علي چوهاڻ، ٽرسٽي/ مالياتي سيڪريٽري
• ڊاڪٽر فهميده حسين، ٽرسٽي
• محترم ايم. ايڇ. پنهور (مرحوم) ٽرسٽي
• ايڊووڪيٽ جهمٽ ڄيٺانند (ٽرسٽي)، ۽
• پروفيسر امير علي قادري (مرحوم) ٽرسٽي
موجوده وقت ۾ ٽرسٽيز هيٺيان آهن:
• محترم محمد ابراهيم جويو (مئنيجنگ ٽرسٽي)
• پروفيسر اعجاز احمد قريشي (ٽرسٽي/ سيڪريٽري)
• ڊاڪٽر فهميده حسين (ٽرسٽي)
• محترم نظير احمد ميمڻ (ٽرسٽي)
• محترم محمد اسلم بلوچ (ٽرسٽي/ خزانچي)
• محترم ارشد سراج (ٽرسٽي)
• محترمه انيسه رحمان صاحبه (ٽرسٽي)
• ڊاڪٽر امجد سراج (ٽرسٽي)، ۽
• ڊاڪٽر يامين ميمڻ (ٽرسٽي)
هن وقت نئين بورڊ آف ٽرسٽيز جي فيصلي مطابق ’سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻوليءَ وغيره تي تحقيق سان گڏوگڏ مرحوم سراج الحق ميمڻ جي ڪيل سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت خدمتن ۽ تحريرن بابت تحقيق ڪرائڻ هوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو